پاٽائي يوسف سنڌ

پاٽائي، يوسف سنڌي: شيخ اسلام يوسف سنڌي ولد مخدوم رڪن الدين صديقي پاٽائيءَ جو جنم 910هه/ 1504ع ۾ ٿيو. سمن جي صاحبي واري زماني ۾ پاٽ ۾ تصوف جي سهروردي سلسلي جي اشاعت ۾ هن بزرگ جو سرڪردو ڪردار نظر اچي ٿو. پاٽائي يوسف سنڌيءَ جون خانقاهون پنهنجي دؤر جي ٻين همعصر مرڪزن کان وڌيڪ موثر نظر اچن ٿيون. هن بزرگ ۽ سندس فرزندن سنڌ، پنجاب ۽ هندستان جي مختلف علائقن ۾ پنهنجي مسلڪ جي پرچار لاءِ وڏو ڪردار ادا ڪيو ۽ عوام کي تعليم ڏني. هيءُ بزرگ اصل ۾ سهروردي طريقي جي بزرگ شيخ عمر بن محمد شهاب الدين (1235ع) جي لڇ مان هو. مخدوم بلاول ۽ سندس ساٿين جي شهيد ٿيڻ ۽ سمن جي سلطنت تي ارغونن جي حملي جي ڪري سنڌ ۾ صوفي سلسلي جي خانقاهن سميت سندن خانقاهن لاءِ خطرو محسوس ٿيو ۽ مجبوراً 1542ع ۾ کيس پاٽ مان لڏي اجمير شريف جي اتر ۾ ناگور ۾ اچي سڪونت اختيار ڪرڻي پئي. جتي به پاڻ درس و تدريس جاري رکيائين ۽ علم ۽ حلم جي ڪري سنڌ خواهه هند ۾ وڏي فضيلت وارو ليکجڻ ۾ آيو. مجموعي طور 20 حج ڪيائين. شاهه حسن ارغون سنڌ تي حملو ڪري جڏهن پنهنجو اقتدار ڄمايو ته ان هن بزرگ جون جاگيرون، جيڪي خانقاهن هلائڻ جو اهم ذريعو هيون، سي بحال نه ڪيون ۽ اٽلندو کيس ايذايو ويو. ناگور ۾ رهڻ دوران شيخ خضر سيوهاڻي سندس ارادت ۾ داخل ٿيو. مخدوم نوح سرور به سندس صحبتي ۽ هم درس هو. ڪافي عرصو ناگور ۾ رهڻ بعد شيخ يوسف سنڌي پنهنجي ٻنهي فرزندن شيخ طاهر يوسف محدث ۽ شيخ طيب يوسف سان گڏجي شيخ شهاب الدين واصل جي ڳوٺ کان سڌو گجرات جي شهر ”ڀروچ“ ۾ پهتو ته جيئن همايون بادشاهه لاءِ سندس مرشد، شيخ محمد غوث گوالياريءَ کان تعارفي خط وٺي سگهي.شيخ اسلام يوسف سنڌيءَ جا ٽي پٽ شيخ طاهر، شيخ طيب ۽ شيخ قاسم به پنهنجي دؤر ۾ وڏي فضيلت ۽ وڏي مقام وارا بزرگ بڻيا ۽ ماڻهن کي حق جي تعليم ڏنائون. شيخ يوسف جي ٽن پٽن جو ذڪر دستياب شجرن ۽ تذڪرن ۾ موجود آهي. پر ڊاڪٽر حبيب الله صديقي جي ڪـتـاب’باب الاسلام سنڌ'>تاريخ باب الاسلام سنڌ‘ (ص: 187) ۾ ڄاڻايل آهي ته: ”تاهم هڪ گمان موجود آهي ته شيخ موصوف کي چوٿون فرزند نالي جلال عرف جمال هو، جنهن جو فرزند مخدوم عباس، پاٽ مان هجرت ڪري هنڱورجا ۾ رهيو.“شيخ يوسف سنڌيءَ جي زماني ۾ پاٽ جو شهر امن، سلامتي ۽ خوشحاليءَ وارو شهر ۽ باغن سان جهنجهيل هڪ وڏو واپاري شهر ۽ بندر هو. جتي شاه حسن ارغون حملو ڪري اتي جي خانقاهن کي ڇيهو رسائڻ سان گڏ هن شهر جي سونهن کي اجاڙي برباد ڪيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو